آءِ ايس پي آرپاران جاري ڪيل پڌرائي موجب فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي ۽ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ايندڙ مرحلي ۾ فيض حميد کي باضابطا طور چارج شيٽ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو آھي ته انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون ڀڃڪڙيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني بابت پرتشدد واقعن ۾ فيض حميد جي ملوث هجڻ بابت الڳ جاچ به ڪئي پئي وڃي.
آءِ ايس پي آر چيو ته انهن پرتشدد ۽ بدامني بابت واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعن جي به جاچ جاري آهي، فيلڊ جنرل مارشل جي عمل تحت ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سمورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن.