جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ شهري ماڻهن جي ٽرائل بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي،عدالت جواد ايس خواجه جي وڪيل کان پڇيو ته ڇا آئيني بينچ کي تسليم ڪيو ٿا؟ جنهن تي وڪيل چيو ته آئيني بينچ جو دائرو اختيار تسليم نٿو ڪريان،جنھن تي جسٽس جمال مندوخيل اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان جواد ايس خواجه جي وڪيل کي چيو ته پوءِ توهان ڪورٽ روم ڇڏي ڏيو، جنهن تي وڪيل جو چوڻ هو ته موجوده آئيني بينچ جوڊيشل ڪميشن پاران نامزد ٿيل آهي.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا 26هين آئيني ترميم رد ٿي چڪي آهي؟ جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان طرفان دير جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، هر ٻڌڻي تي ڪا نه ڪا اهڙي درخواست اچي ٿي، جيڪڏهن 26هين آئيني ترميم رد به ٿي وڃي ته عدالتي فيصلن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي.ان دوران آئيني بينچ حفيظ الله نيازي کي روسٽرم تي گهرايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان ڪيس هلائڻ ٿا چاهيو؟ جنهن تي هن چيو ته مان اهو ڪيس هلائڻ ٿو چاهيان، جڏهن ته جسٽس مسرت هلالي چيو ته جيڪي ماڻهو جيلن ۾ آهن، انهن بابت به سوچيو، توهان کي ته هن ڪيس ۾ دعوي جو ڪو حق ناهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان جو ڪو پيارو زير حراست ناهي، ان ڪري دير ٿا چاهيو،سپريم ڪورٽ آئيني ترميم تحت ئي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي به بينچ ٺهيا آهن، اهي نئين ترميم تحت ئي ٺهيا آهن، آئيني ترميم جو ڪيس به ترميم تحت ٺهندڙ بينچ ئي ٻڌندو.
دليلن بعد آئيني بينچ 26هين ترميم جي فيصلي تائين فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري درخواست خارج ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو۽ اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان جواد ايس خواجه تي 20 هزار رپيا ڏنڊ وجھڻ جو حڪم جاري ڪيو.