سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا آھن ته آرمي ايڪٽ جو اطلاق صرف فوج تائين محدود آهي. هن چيو ته فوجي آفيسرن کي بنيادي حق ۽ انصاف ملي ٿو يا نه، ان کي سڀن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ قائم ست رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري ڪئي، جنهن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل آهن.
فوجي عدالتن جي ٽرائل تي سوال
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي طريقيڪار تي قائل ڪيو وڃي. جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته جيڪو آفيسر ٽرائل هلائي ٿو، اهو پاڻ فيصلو نٿو ٻڌائي. ٽرائل هلائيندڙ آفيسر ڪيس هڪ ٻئي وڏي آفيسر ڏانهن موڪلي ٿو، جيڪو فيصلو ٻڌائي ٿو.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا هڪ آرمي آفيسر کي ايترو تجربو ۽ قابليت هوندي آهي جو موت جي سزا تائين جا فيصلا ڪري سگهي؟
وڪيل خواجه حارث چيو ته ملٽري ٽرائل جي طريقيڪار بابت وڌيڪ دليل بعد ۾ ٻڌائيندس .
فوجي عدالتن جو نظام ۽ طريقا
جسٽس مسرت هلالي پڇيو ته وضاحت ڏني وڃي ته فوجي عدالتن ۾ فيصلو ڪير لکي ٿو؟ هن وڌيڪ چيو ته ڪيس ٻڌڻ وارو آفيسر فيصلو نٿو ڪري، پر ڪمانڊنگ آفيسر سزا جو فيصلو ڪري ٿو.
خواجه حارث ٻڌايو ته فيصلو لکڻ لاءِ “جيگ برانچ” جي مدد ورتي ويندي آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به فوجي آفيسر ئي ڪورٽ مارشل ۾ ويهندا آهن.
9 مئي جا واقعا ۽ فوجي عدالتن جا ڪيس
ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان ٻڌايو ته 9 مئي جي واقعن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ جوابدار شامل هئا، جن مان 105 کي فوجي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو، ۽ انهن جي موجودگي جا پڪا ثبوت موجود آهن.
جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته ڇا فوجي عدالتن انهن ئي ايف آءِ آرز جي روشني ۾ ٽرائل ڪيو جيڪي ٿاڻن ۾ داخل ٿيل هيون؟
خواجه حارث چيو ته فوجي تحويل ۾ ويندڙ جوابدار لاءِ جاچ جو پنهنجو نظام هوندو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيسن ۾ مجموعي طور تي 35 ايف آءِ آرز ۽ 5 هزار جوابدر شامل آهن، جڏهن ته صرف انهن 105 ماڻهن جو ٽرائل ٿيو، جن جي موجودگي ثابت هئي.
ٻڌڻي ملتوي
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ملٽري ڪورٽس ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.