آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪرسمس جي موقعي تي راولپنڊي جي سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل چرچ جو دورو ڪيو ۽ اقليتن کي قومي فخر ۽ طاقت جو ذريعو قرار ڏنو.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق، آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪرسمس جي موقعي تي راولپنڊي جي سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل چرچ ۾ عيسائي برادري سان ڪرسمس جون خوشيون ملهائيون.
بيان مطابق، هي دورو باهمي هم آهنگي ۽ شموليت جي جذبي کي اجاگر ڪري ٿو. عيسائي برادري آرمي چيف جو پرجوش استقبال ڪيو ۽ سندس شرڪت تي شڪرگذاري جو اظهار ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان مطابق، جنرل عاصم منير ان موقعي تي عيسائي برادري کي ڪرسمس جون دلي مبارڪون ڏنيون.
آرمي چيف چيو ته ڪرسمس اسان کي همدردي، سخاوت ۽ ڀلائي جي آفاقي اصولن جي ياد ڏياريندو آهي، جيڪي اسان جي گهڻ رخي قوم کي گڏ رکڻ جو بنياد آهن.
آءِ ايس پي آر مطابق، سپه سالار عيسائي برادري ۽ اقليتن جي پاڪستان جي ثقافتي، سماجي، معاشي ۽ قومي ترقي ۾ نمايان خدمتن کي ساراهيو.
آرمي چيف چيو ته اقليتون اسان لاءِ قومي فخر ۽ طاقت جو ذريعو آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان مطابق، جنرل عاصم منير قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته قائداعظم جي بصيرت ڀريل قيادت، پختو عزم ۽ ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي اصولن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ڪري پاڪستان جو قيام ممڪن ٿيو.
آءِ ايس پي آر مطابق، آرمي چيف چيو تہ قائداعظم جا آزادي، برابري ۽ مذهبي رواداري جا اصول اڄ به قوم کي درپيش چئلينجن کي حل ڪرڻ لاءِ رهنمائي فراهم ڪن ٿا.
پاڪ فوج جي ترجمان مطابق، آرمي چيف چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان اهو عزم ڪريون ٿا ته قائداعظم جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ پنهنجي پوري ڪوششون جاري رکنداسين. پاڪستان کي هڪ پرامن ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو