ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته آمريڪا انهن پابندين لاءِ پاڪستان جي 4 ادارن کي نامزد ڪري رهيو آهي.
ڄاڻايل ڪمپنين ۾ نيشنل ڊولپمينٽ ڪمپليڪس، ايفيليئيٽس انٽرنيشنل، اختر اينڊ سنز پرائيويٽ لميٽڊ، ۽ راڪ سائيڊ انٽرپرائز شامل آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته اھو فيصلو وڏي پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي خلاف آهي، انهن ڪمپنين ميزائل پروگرام لاءِ سامان حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن يا انهن جي رسائي جا ذريعا پکيڙڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي، آمريڪا پکيڙ ۽ لاڳاپيل خريداري جي سرگرمين خلاف ڪارروائي جاري رکندو.
غير ملڪي ميڊيا رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هي پابنديون چئن اهڙين ڪمپنين تي لڳايون ويون آهن، جن بابت چيو ويو آهي ته اهي انهن هٿيارن جي پکيڙ يا ترسيل ۾ مددگار آهن.
هي ٽيون موقعو آهي جڏهن آمريڪا پاڪستان جي بيليسٽڪ ميزائل پروگرام ۾ سهڪار ڪندڙ ادارن تي پابندي جو اعلان ڪيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڊگهي فاصلي تي هدف کي نشانو بڻائڻ وارن ميزائلن جي مسلسل ڦھلاءَ جي خطري جي نظر ۾ آمريڪي ايگزيڪٽو آرڊر تحت انهن 4 ادارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
اعلان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو نيشنل ڊولپمينٽ ڪمپليڪس جيڪو پاڪستان جي بيليسٽڪ ميزائل پروگرام جو ذميوار آهي، ان تي به پابندي لڳائي وئي آهي ڇو ته ان ميزائل پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ شيون حاصل ڪيون.
پاڪستان جو ردعمل
ٻئي پاسي پاڪستان آمريڪي پابندين کي تعصباڻو قرار ڏنو آھي..
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ آمريڪي پابندين تي ردعمل ڏيندي چيو آھي ته نجي تجارتي ڪمپنين تي آمريڪي پابنديون افسوسناڪ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هن قدم سان خطي جي اسٽريٽيجڪ استحڪام تي خطرناڪ اثر پوندا، ماضي ۾ به بغير ثبوتن جي صرف شڪ جي بنياد تي پابنديون لڳايون ويون ھيون.
پاڪستاني پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب آمريڪا ٻين ملڪن کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي اجازت ڏني، ٻٽي معيار سان ايٽمي هٿيارن جي عدم ڦهلاءَ واري مقصد کي ڌچڪو لڳي آھي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽيجڪ صلاحيتن جو مقصد سندس خودمختياري جو دفاع آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ چاهي ٿو.
پاڪستاني ميزائل پروگرام خطي ۾ استحڪام ۽ طاقت جي توازن لاءِ آهي،