اسرائيل گولان جي پھاڙين تي ڇو ڪنٽرول ڪرڻ چاھي ٿو؟

شام جو گاديءَ وارو شھر دمشق، گولان جي پهاڙين کان تقريباً 60 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي، ۽ انهن پهاڙين جي بلنديءَ تان دمشق سميت ڏکڻ شام جا گهڻا حصا واضح طور ڏسي سگهجن ٿا.
جاگرافيائي اهميت سبب، گولان جون پهاڙيون اسرائيل لاءِ هڪ اهم علائقو آهن، جتان اهو شامي فوج جي چرپر تي آسانيءَ سان نظر رکي سگهي ٿو.
انهن پهاڙين تي ڪنٽرول، اسرائيل لاءِ شام طرفان ڪنهن به امڪاني فوجي حملي خلاف قدرتي دفاع فراهم ڪري ٿو، جيئن 1973ع جي جنگ دوران ٿيو ھو.
ان علائقي ۾ گهڻو ڪري زمين بنجر آهي، پر گولان جون پهاڙيون پاڻي جي فراهمي جو اهم ذريعو آهن.
هنن پهاڙين تان وهي نڪرندڙ برساتي پاڻي درياءِ اردن ۾ شامل ٿئي ٿو، جنهن سبب ان جي زمين زرخيزي حاصل ڪري ٿي، جتي انگورن ۽ ٻين ميوو ڏيندڙ باغن جي پوک ٿئي ٿي.
هي زمين مال چارڻ لاءِ چراگاهه طور به ڪم اچي ٿي.
گذريل وقت ۾، گولان جون پهاڙيون مڪمل طور شام جي قبضي ۾ هيون. ان وقت شام 1948ع کان 1967ع تائين اتر اسرائيل تي توپن ذريعي حملا ڪندو رهيو.
شام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڪنهن به امن معاهدي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ شام جو اهو مطالبو رهيو آهي ته اسرائيل 1967ع کان اڳ واري حالت ڏانهن واپس وڃي ۽ قبضو ڪيل علائقو خالي ڪري.
ائين ٿيڻ سان شام کي طبريا ڍنڍ جي اوڀر واري ڪناري تي ڪنٽرول ملي سگهي ٿو، جڏهن ته اسرائيل پاڻي جي هڪ اهم ذريعي کان محروم ٿي سگهي ٿو.
اسرائيل جو خيال آهي ته ٻنهي ملڪن جي سرحد وڌيڪ اوڀر طرف ٿيڻ گهرجي ته جيئن هي خطو اهم ذريعن ۽ وسيلن کان محروم نه ٿئي.
اسرائيل جي عوامي راءِ به اها آهي ته گولان جون پهاڙيون حڪمت عملي جي لحاظ کان اهميت رکن ٿيون، ۽ انهن کي واپس ڪرڻ غلط ٿيندو.

پنھنجي راءِ لکو