اسٽيبلشمينٽ جي 90 سيڪڙو ماڻھن عوام کي غلام بڻائي ڇڏيو آھي، حافظ نعيم

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن چيو آهي ته هتي جرنيلن ۽ بيوروڪريسي کي سيکاريو ويو آهي ته توهان قوم جا حاڪم آهيو،
لاھور ۾ شاگردن جي حقن واري ڪنوينشن ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته انگريز سامراج ۾ جيڪي بيوروڪريٽ تيار ڪيا ويندا هئا، انهن کي سيکاريو ويندو هو ته توهان قوم جا خادم آهيو.
امير جماعت اسلامي چيو ته هتي جيڪي بيوروڪريٽ تيار ڪيا ويا، انهن کي سيکاريو ويو ته توهان هتي جا حاڪم آهيو، عوام خادم آهن. انگريز ته هليو ويو پر انهن جو سوچڻ جو طريقو ساڳيو آهي.
نوجوانن کي اصل ڳالهه سمجهڻي پوندي. بنيادي انساني حقن کان اڳتي وڌي اسان نظام کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن نظام کي هلائڻ وارن پاڻ کي خدا سمجهي ڇڏيو آهي. اسان نظام جي تبديلي لاءِ تحريڪ هلائيندا آهيون. اسلامي جمعيت طلبا هڪ جمهوري فورس آهي، ڪڏهن به اهو ناهي ٿيو ته جمعيت جي ناظم اعلى جو انتخاب نه ٿيو هجي.
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اهي پاڻ کي جمهوري چون ٿا، ڪڏهن وراثت تي هلن ٿا ته ڪڏهن وصيت تي.
هن چيو ته مسلم ليگ (ن) به خاندان جو نالو آهي، جيڪي سڀ ان جي اڳيان پويان ڦرن ٿا، .

پنھنجي راءِ لکو