اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 2 سيڪڙو گھٽائي 13 سيڪڙو ڪري ڇڏي آھي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب مھانگائي توقع تحت 4 ڏھائي 9 سيڪڙو ٿي وئي آھي. واھپيدارن ۽ ڪاروباري ادارن جي مھانگائي بابت اميدون متضاد آھن. اسٽيٽ بئنڪ چيو آھي تہ معيشت جا تازا انگ اکر ٻڌائين ٿا تہ ان ۾ بھتري جا اشارا ملي رھيا آھن،پاليسي ريٽ ۾ احتياط سان گھٽتائي مستحڪم بنيادن تي معيشت کي طاقت ڏئي رھي آھي. اسٽيٽ بئنڪ موجب جاري کاتو لاڳيتو ٽيون ڀيرو آڪٽوبر کان ھيستائين فاضل رھيوآھي. جنھن ڪري پرڏيھي مٽاسٽا جا ذخيرا 12 ارب ڊالر ٿي ويا آھن. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آھي تہ جنسن جي عالمي اگھن ۾ گھٽتائي سان درآمدي بل ۽ مھانگائي ۾ ڪمي ٿي آھي.