قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اسان جا دروازا کليل آهن، ڪو اچي ٿو ته انڪار نه ڪنداسين، پر ماڻهن کي زوري جھلي نٿا چئي سگھون تہ اچو ۽ اسان سان ڳالھايو..
ٻن ڏينھن واري اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي اياز صادق چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي مرضي هوندي ته اسان سهولت فراهم ڪنداسين، بهتري لاءِ جنهن جي به منٿ ڪرڻي پئي ته ڪنداسين.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسان چونداسين ته ڳالهين لاءِ ڪميٽي بڻايو، جنهن ڏينهن ڳالهين جي شروعات ٿي ته رستو ٺهڻ شروع ٿي ويندو، اسان جي آفيس حاضر آهي..
اياز صادق وڌيڪ چيو ته اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ پارليمينٽ جي بالادستي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، سڀني ميمبرن کي گڏ کڻي ھلڻ اسپيڪر جي ذميواري آهي، جمهوري روايتن ۽ اخلاقي قدرن جي پاسداري ضروري آهي.
هن اهو پڻ چيو ته ڪنهن ميمبر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسان کان اجازت ناهي ورتي ويندي، صرف اطلاع ڏنو ويندو آهي، ۽ جڏهن به ضرورت پئي، پروڊڪشن آرڊر جاري ڪنداسين.