اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي ٽرمپ جي مشير جو عمران خان جي باري ۾ اھم مطالبو سامھون اچي ويو

آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اسپيشل مشن لاءِ نامزد صلاحڪار رچرڊ گرينل چيو آهي ته پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي جيل مان آزاد ڪرڻ گهرجي.
رچرڊ گرينل آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته مئٿيو ملر به پنهنجي عجيب بيان ذريعي اهو ئي چوڻ چاهيو پيو ته باني پي ٽي آءِ کي آزاد ڪيو وڃي، پر مان اها ڳالهه کليل لفظن ۾ چوان ٿو ته باني پي ٽي آءِ کي آزاد ڪيو وڃي.
هن چيو ته عقل ۽ سمجهه وارا غيرروايتي سياستدان ۽ ڪاروباري ماڻهو ملڪ کي بهتر طريقي سان هلائي سگهن ٿا، تنهن ڪري مان چاهيان ٿو ته باني پي ٽي آءِ کي جيل مان آزاد ڪيو وڃي.
رچرڊ گرينل انٽرويو ۾ چيو ته باني پي ٽي آءِ تي صدر ٽرمپ جيان ڪرپشن جا ڪيترائي ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن. باني پي ٽي آءِ کي به پاڪستان جي حڪمران جماعت جيل ۾ وڌو آهي. جيڪڏهن هو وزيراعظم لاءِ چونڊ وڙهڻ چاهي ٿو ته عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي.
ٽرمپ جي نامزد مشير چيو ته ٽرمپ انتظاميا جي دور ۾ پاڪستان سان لاڳاپا تمام بهتر هئا. باني پي ٽي آءِ جي وزيراعظم طور آمريڪي صدر ٽرمپ سان سٺا لاڳاپا هئا. باني پي ٽي آءِ سسٽم کان ٻاهر جو ماڻهو آھي، ان ڪري ٽرمپ سان لاڳاپا سٺا هئا. باني پي ٽي آءِ اڳوڻو ڪرڪيٽر آهي ۽ روايتي سياستدان ناھي، ان ڪري صاف ڳالهيون ڪري ٿو.
رچرڊ گرينل وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي معاملن کي بائيڊن انتظاميا گذريل چئن سالن دوران نظرانداز ڪيو ۽ ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي. بائيڊن انتظاميا هاڻي وڃڻ کان اڳ اهڙو تاثر چاهي ٿي، ڄڻ کين تمام گهڻي پرواهه آهي ۽ هو پاڪستان جي ۾ معاملن تي اڳڀرائي ڪرڻ چاهين ٿا.

پنھنجي راءِ لکو