اسلام آباد ـ انساني حقن لاءِ سرگرم ڪارڪن ايڊووڪيٽ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس عبدالھادي کي اسلام آباد ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي.ايمان مزاري کي پوليس سان جھيڙو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي جنھن بابت گادي واري شھر جي آبپاره ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي.اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري ڌي ايمان مزاري جي پولس ھٿان گرفتار ٿيڻ جي تصديق ڪئي آھي