اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي گھرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي وفاقي تحقياتي اداري (ايف آءِ اي) جي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايف آءِ اي ۾ ڏوهن جي بازار گرم جنھن کي وڻي ان کي کڻي وڃن ٿا ۽ ان بعد آزادي لاءِ رشوت گھرن ٿا.
اجلاس جا تفصيل
قومي اسيمبلي جي گھرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خرم نواز جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن جو معاملو بحث هيٺ آيو۔ اجلاس دوران چيئرمين ۽ ميمبرن ايف آءِ اي جي عملدارن مٿان سخت ناراضگي جو اظھار ڪيو. خرم نواز چيو ته ايف آءِ اي پنهنجا اختيار غلط استعمال ڪري رهيو آهي۔ هن ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي خبردار ڪيو ته اهڙي صورتحال ھاڻي برداشت نٿي ڪري سگھجي .
ڪميتي ميمبر چوڌري نصير چيو ته منهنجي ضلعي مان هڪ شخص گذريل ڏيڍ سال کان گم ٿيل آهي ۽ ان جي آزادي لاءِ 2 ڪروڙ رپيا گهريا پيا وڃن، جڏهن ته اهو مطالبو ايران ۾ ويٺل شخص طرفان ٿيو آهي۔ جڏھن ايف آءِ اي کي دانھن ڏني تہ انھن جو چوڻ ھو تہ ڊي جي ايف آءِ اي سان رابطو ڪريو، منھنجو سوال آھي تہ ڇا عام ماڻهو ڊي جي سان رابطو ڪري سگهي ٿو؟ حنيف عباسي چيو ته نبيل گبول کان پوءِ مون ۽ هاڻي چوڌري نصير ايف آءِ اي جي روين تي سوال اٿاريو آهي۔ هنن وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي جا عملدار ڪميٽي جي اجلاس ۾ اچي بي عزتي ڪرڻ بند ڪن۔ نبيل گبول چيو ته ڪميٽي جي فيصلن کي بيوروڪريسي سامهون ڪا بہ اهميت نٿي ڏئي.ان موقعي ڪميٽي چيئرمين گجرات مان گم ٿيل شھري کي ھڪ ھفتي اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.