اھو ڪھڙو نظارو آھي،جيڪو 33 سالن بعد ھن رمضان جي مھيني ۾ پيش ايندو؟

ھن سال رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ قدرت جو ھڪ انمول فلڪياتي نظارو پيش ايندو، جيڪو هر 33 سالن ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آھي.
دنيا ۾ تاريخ ۽ ڏينهن جو حساب رکڻ لاءِ ٻه ڪئلينڊر سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. انهن مان هڪ شمسي ڪئلينڊر آهي، جنهن کي عيسوي ڪئلينڊر به چيو ويندو آهي.
ٻيو اسلامي ڪئلينڊر آهي، جيڪو هجري سڏبو آهي ۽ چنڊ جي گردش مطابق ترتيب ڏنو ويندو آهي.
اهو تمام گهٽ ٿيندو آهي ته قمري ۽ شمسي مهيني جي شروعات ساڳي تاريخ تي ٿئي، ۽ اهو ناياب نظارو هن سال رمضان جي مهيني ۾ ڏسڻ ۾ ايندو.
ان ڳالھ جو گھڻو امڪان آهي ته رمضان 2025 جو آغاز پهرين مارچ کان ٿيندو، يعني هجري مهينو رمضان ۽ شمسي مهينو مارچ هڪ ئي وقت شروع ٿيندا.
فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو هر 33 سالن کانپوءِ ٿيندو آهي، جيڪو چنڊ ۽ سج جي مدار ۾ گردش جي هڪ ناياب هم آهنگي سبب ٿيندو آهي.
فلڪياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته هيءَ نادر گهڙي چنڊ ۽ زمين جي حرڪت ۾ غير معمولي رياضياتي درستگي کي ظاهر ڪري ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙو نظارو هميشه نه ٿيندو، پر هر 33 سالن ۾ ڪنهن نه ڪنهن مهيني ۾ ضرور ٿيندوآھي.

پنھنجي راءِ لکو