بنون ۾ بارود سان ڀريل رڪشا ڦاٽي پيو، 3 دھشتگرد مارجي ويا

خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ۾ ٿاڻي هويد جي حدن ۾ مزانگا چوڪي تي فتنۃ الخوارج جي دهشتگردن طرفان ٿيل حملو پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو.
سڪيورٽي ذريعن موجب، گذريل رات فتنۃ الخوارج جا ٽي دهشتگرد بارودي مواد سان ڀريل رڪشا وسيلي چوڪي مزانگا تي حملي جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
پوليس جي بهادري
چوڪي ۾ موجود پوليس جي بهادر جوانن مشڪوڪ حرڪت ڏسي رڪشا کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن رڪشا نه بيٺو ته پوليس فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ رڪشا اوچتو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.
سڪيورٽي ذريعن مطابق ڌماڪي ۾ ٽئي دهشتگرد موقع تي ئي مري ويا، جڏهن ته چوڪي ۾ موجود سڀ پوليس اهلڪار محفوظ رهيا. ڌماڪي جي شدت سبب ويجهن گهرن کي معمولي نقصان رسيو.
آفيسرن جا بيان
ڊي آءِ جي بنون ريجن سجاد خان ۽ ڊي پي او بنون سليم عباس ڪلاچي پوليس اهلڪارن جي بروقت ۽ بهادراڻي ڪارروائي جي ساراهه ڪئي.
هنن چيو ته چوڪي مزانگا جا جوان فرض شناسي، بهادري ۽ پيشوراڻي مهارت جو بهترين مثال قائم ڪيو آهي. اهي سپاهي بنون پوليس جو فخر آهن، جيڪي هر قيمت تي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن.

پنھنجي راءِ لکو