بنگلاديش ۾ مظاهرين پاران سپريم ڪورٽ جو گهيراءُ, چيف جسٽس پاران استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو

بنگلاديش ۾ مظاهرين پاران سپريم ڪورٽ جو گهيراءُ ڪرڻ بعد چيف جسٽس عبيد الحسن پاران استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو

بنگلاديشي ميڊيا موجب چيف جسٽس عبيدالحسن جو چوڻ آهي ته هو صدر شهاب الدين سان مشاورت بعد باضابطا قدم کڻندو، چيف جسٽس عبيدالحسن اڄ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز جو فل ڪورٽ اجلاس طلب ڪيو هو

اهڙن اطلاعن بعد مظاهرين سپريم ڪورٽ جي عمارت جو گهيراءُ ڪري ورتو، بنگلاديش جي جمونا ٽي وي جي رپورٽ موجب مظاهرين چيف جسٽس ۽ ٻين ججز کي هڪ ڪلاڪ اندر استعيفيٰ ڏيڻ جو الٽيميٽم ڏنو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس عبيدالحسن اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد جو حامي رهيو آهي ۽ هن ڪيترائي عوام مخالف فيصلا ڏنا

عبوري حڪومت جي راندين واري وزارت جي صلاحڪار آصف محمود به فل ڪورٽ اجلاس ملتوي ڪرڻ ۽ چيف جسٽس جي غير مشروط استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پنھنجي راءِ لکو