پشاور ــــ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته سول نافرماني تحريڪ جو فيصلو پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو آهي، انهن جو جيڪو به فيصلو هوندو، ان تي مڪمل عمل ڪيو ويندو.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته وفاق ۾ اسان جي حڪومت ناهي، جنهن سبب اسان کي مسئلن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. وفاق کان خيبرپختونخوا جا پئسا وٺڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، پر اهي پئسا ضرور حاصل ڪنداسين.هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري ئي اسان جو روينيو وڌي رهيو آهي، ماڻهن جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن، ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تحت بهترين ڪارڪردگي ڪي پي جي رهي آهي. صوبائي حڪومت امن امان کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ دهشتگردي تي ڪنٽرول حاصل ڪيو ويندو. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فورسز قربانيون ڏئي رهيون آهن.سول نافرماني بابت هڪ سوال جي جواب ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته هر تحريڪ ۾ ڪي پي فرنٽ لائن تي هوندو آهي. سول نافرماني جو اعلان مون ناهي ڪيو، اهو پي ٽي آءِ جي باني ڪيو آهي،هو جنھن تاريخ جيڪو فيصلو ڪندو، ان تي عمل ڪيو ويندو. پر هاڻي تائين سول نافرماني جو معاملو واضح ناهي.هن وڌيڪ چيو ته اڃا واضح ناهي ته سول نافرماني جي تحريڪ ڪيئن هلندي؟ ان جا ڪيترا مرحلا هوندا ۽ ان جو آغاز ڪيئن ڪيو ويندو؟ جڏهن واضح هدايتون ملنديون، تڏهن اڳتي وڌنداسين.
افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين بابت سوال جي جواب ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته افغانستان سان اسان کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. دهشتگرد بارڊر ڪراس ڪري اسان جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويندا آهن. دهشتگرد اڳ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ڪارروايون ڪندا هئا، پر اسان کين روڪيو آهي ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، پوري دنيا ان کي قبول ڪري چڪي آهي،افغانستان سان ڳالهين کان سواءِ صوبي ۾ امن قائم نه ٿي سگهي.