اسلام آباد ـ خصوصي عدالت سينٽرل ون اسلام آباد توشه خانه 2 ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس زال بشري بيبي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي..
ڪالھ خصوصي عدالت سينٽرل ون اسلام آباد جي جج شاهه رخ ارجمند توشه خانه جي ٻئي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشري بيبي تي فرد جرم لاڳو ڪئي. توشه خانه 2 ڪيس جي ابتدائي جاچ نيب ڪئي هئي، نيب ترميمن جي روشني ۾ هي ڪيس ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو هو، سيپٽمبر 2024 ۾ ايف آءِ اي جاچ مڪمل ڪري چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.ياد رهي ته توشه خانه جي پهرين ڪيس ۾ عدالت عمران خان ۽ بشري بيبي کي بري ڪري ڇڏيو هو.