حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ لاءِ جماعت اسلامي متحرڪ ٿي وئي آھي. ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ جماعت اسلاميءَ مخالف ڌر جي اڳواڻن جو اجلاس منصوره ۾ گهرائڻ لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن مطابق ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ جماعت اسلاميءَ جي مرڪز، لاهور ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم، مهانگائي، ۽ بجليءَ جي ناقابل برداشت قيمتن جا معاملا غور هيٺ آندا ويندا. ان سلسلي ۾ جماعت اسلاميءَ جي سيڪريٽري جنرل، لياقت بلوچ، قومي وطن پارٽيءَ جي سربراهه آفتاب شيرپائو سان ملاقات ڪئي آهي. ان ملاقات ۾ لياقت بلوچ، آفتاب شيرپائو کي منصوره اچڻ جي دعوت ڏني آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان ان سلسلي ۾ اڳ ۾ ئي مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. جڏھن تہ اختر مينگل ۽ محمود خان اچڪزئي سان ڳالھ ٻولھ اڳتي نہ وڌي سگھي آھي.