اسلام آباد ـ جي يو آئي جي مرڪزي مجلس شورا جو ھنگامي اجلاس 2 نومبر تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آھي.جميعت جي امير مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ منعقد اجلاس ۾ 26 ھين آئيني ترميم جي محرڪن ،ملڪ ۽ پارٽي ڪارڪردگي ،ترميم ۾ حڪومت سان تعاون سبب پوندڙ اثرن توڙي مستقبل ۾ امڪاني آئيني ترميم اچڻ جي صورت ۾ پارٽي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.