جيڪب آباد (ايثار ٽائمز رپورٽ) جيڪب آباد ۾ ڪوئٽا کان صادق آباد ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ مني ٽرڪ جي وچ ۾ خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ پنج مسافر فوت ٿي ويا آھن، جڏهن ته 18 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب حادثو ٺل جي گرڊ اسٽيشن ويجهو پيش آيو. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن