اسلام آباد ـ حڪومت اتحادي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مخالف جماعت تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ وزيرن جي غير حاضري تي وزير اعظم شھباز شريف جي ڪابينا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آھي.گذريل ڏينهن ايوان ۾ ڄاڻايل ڌرين پاران وزيرن جي غير حاضري تي احتجاج ڪيو ويو، خاص طور تي سوالن جي وقفي دوران ميمبرن پارلياماني سيڪريٽرين طرفان وزيرن جي جاءِ تي ڏنل ڪيترن ئي جوابن تي عدم اطمينان جو اظھار ڪيو.ايوان ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن سان گڏ سڀ کان وڌيڪ سخت احتجاج پي پي پي جي ميمبرن طرفان ڪيو ويو، جن وزيرن جي غير موجودگي کي “پارليامينٽ جي توهين” قرار ڏنو آھي.
اجلاس شروع ٿيڻ بعد سوالن جي ساھي دوران پي پي پي جي سيد نويد قمر موقف اختيار ڪيو ته هنن گذريل ڏينهن به وزيرن جي غير حاضري جو مسئلو اٿاريو هو،ھن وڌيڪ چيو ته ڪابينا گڏيل طور تي قومي اسيمبلي جي ذميوار آهي. وزيرن جو آئيني فرض آهي ته اهي ايوان ۾ موجود هجن.