حڪومت تحريڪ انصاف جا اڳواڻ آزاد ڪرڻ ۽ 26 نومبر واقعي جي جاچ جا مطالبا رد ڪري ڇڏيا….

اسلام آباد:رپورٽ..قربان بلوچ …قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪاله ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفي شاھ جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو،جنهن دوران
تحريڪ انصاف جا ميمبر ايوان ۾ پلي ڪارڊ کڻي پهچي ويا،پلي ڪارڊن تي مختلف نعرا لکيل هئا..ايوان جي ڪارروائي باضابطا شروع ٿيڻ تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفي شاه چيو ته ايدوائيزري ڪميٽي ۾ طئي ڪيل حڪمت عملي مطابق اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ايوان ۾ بيان ڏيندو..عمر ايوب خطاب ڪندي چيو ته 26 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج دوران 12 ساٿين جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويا،سوين زخمي ۽ هزارين گرفتار ڪيا ويا.. هن 26 نومبر واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته جاچ ڪرائي وڃي ته ڪارڪنن تي گوليون ڪنهن هلايون .هن الزام مڙهيو ته فائرنگ جو حڪم شهباز شريف ڏنو، جوڊيشل ڪميشن ذريعي انڪوائري ڪرائي وڃي..هن چيو ته عمران خان ڳالهين لا۽ ڪميٽي قائم ڪئي جيڪا ڪنهن سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي ،پر ان لا۽ ضروري آهي ته پارٽي جي بي گناھ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.هن الزام هنيو ته 26 نومبر تي ڪيترا ڀيرا ڪي پي ڪي وزير اعلي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،ان جو شهباز شريف کي جواب ڏيڻو پوندو…هن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اسان جي بي گناھ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو،26 نومبر سانحي جي جاچ نه ڪئي وئي ته ڏيھ توڙي پرڏيهي سطح تي سول نافرماني جي تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿينداسون..ان جي رد عمل ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جا مطالبا رد ڪندي چيو ته هي هميشه ڌمڪيون ڏئي ڀڳا آهن، 26 نومبر تي وڏي وزير سميت ڪارڪن ڇڏي ڀڳا..هي سول نافرماني واري فيصلي تي قائم رهن ،جيئن احتجاج ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا،سول نافرماني تحريڪ ۾ ناڪام ٿيندا..

پنھنجي راءِ لکو