پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو منظور ڪري ورتو آهي۔
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته هي حڪومت جي ڪميٽي سان اسان جي شروعاتي ملاقات هئي، جڏهن ته هاڻي باقاعده ڳالهه ٻولهه 2 جنوري کان شروع ٿيندي۔
اڳوڻي اسپيڪر جو چوڻ هو ته حڪومت اسان جو باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو منظور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان باني پي ٽي آءِ جي آزادي ۽ سينيئر ججز تي مشتمل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔
واضح رهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڳالهين جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين ڳالهين کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔