حڪومت لاءِ مٿي جو نئون سورــ عالمي پارلياماني گروپ عمران خان جي ڪيس شنوائين جو مشاهدو ڪندو

اسلام آباد ـــ عمران خان جي وڪيل خالد يوسف چوڌري دعوي ڪئي آهي ته پارلياماني يونين تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي ڪيسن جي عدالتي ڪاررواين جو مشاهدو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ،ان سلسي ۾ سندس يونين اڳواڻن سان ملاقات ٿي چڪي آهي.واضح رھي ته پاڪستان انٽر پارليمينٽرين يونين (آئي پي يو) جو ميمبر آهي ،ڄاڻايل ادارو نه فقط پارليماني سفارتڪاري کي هٿي ڏئي ٿو ان سان گڏ پارليامينٽس ۽ پارليامينٽرين کي عالمي سطح تي امن، جمهوريت، ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ بااختيار بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو.هن دعوي ڪئي ته يونين کي عمران خان خلاف 190 پائونڊ ڪيس جي عدالتي ڪارروائي بابت ڄاڻ ڏني وئي جنهن کانسواءِ توشه خانه ڪيس ان ڪيسن ۾ ڏنل سزائن، قانوني ۽ آئيني خامين، ۽ منصفاڻي ٽرائل جي حق جي ڀڃڪڙي بابت تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن،يونين کي 9 مئي ڪيس ۾ فوجي ڪورٽن پاران ڏنل سزائن بابت پڻ آگاه ڪيو ويو.واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو عالمي ادارن عمران خان جي جيل يا ڪيسن بابت ڳالهايو هجي،ان کان اڳ برطانوي ۽ آمريڪي پارليامينٽرين
جولاءِ 2023 ۾ برطانوي پارليامينٽرين اڳوڻي وزيراعظم جي آزادي لاءِ مطالبو ڪيوآڪٽوبر 2024 ۾، آمريڪا جي 60 کان وڌيڪ ڊيموڪريٽڪ قانوندانن صدر جو بائيڊن کي خط لکيو ته واشنگٽن جي اثر کي استعمال ڪري خان جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي.
آمريڪا، برطانيا، ۽ يورپي يونين گذريل مهيني ملٽري ڪورٽن ۾ سولين کي سزا ڏيڻ تي تنقيد ڪئي، جيڪي 9 مئي 2023 تي فوجي تنصيبات تي حملي سان ڳنڍيل هئا.عمران خان آگسٽ 2023 کان جيل ۾ آهي، جيتوڻيڪ هن کي ڏنل چار سزائون يا معطل يا ختم ٿي چڪيون آهن.

پنھنجي راءِ لکو