حڪومت مخالف اتحاد کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد(تجزيوـ قربان بلوچ) جيتوڻيڪ عمران خان جي جماعت تحريڪ انصاف ،مولانا فضل الرحمان جي جماعت جي يو آئي توڙي محمود خان اچڪزئي وزير اعظم شھباز شريف جي حڪومت کي هٽائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ اسيمبلين جي موجودگي کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري آھن،پر حقيقي طور تي حڪومت مخالف ڌر کي ڪمزور ڪري دفاعي پوزيشن ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي.تحريڪ انصاف قيادت 26 نومبر تي اسلام آباد مان ڪارڪنن کي بي يارومددگار ڇڏي ڀڄڻ ذريعي شڪست تسليم ڪئي هئي ،جنھن بعد عمران خان حڪومت مخالف سول نافرماني جي تحريڪ ھلائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي پر تحريڪ انصاف پارٽي قائد کي في الحال خاموش ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي،جنھن بعد تحريڪ انصاف اڳواڻن جو زور ڳالهين تي آهي.سومر واري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ ٻئي قيادت ملڪن اندر انٽرنيٽ جي سستي رفتاري سميت ۾ 26 نومبر تي ڊي چوڪ تي ڪارڪنن جي مبينا شھادتن جو الزام ملڪ جي ڳجهين ايجنسين تي مڙحيندي دعوا ڪئي ته حڪومت سان ڳالهيون سندن مجبوري ناهن،مائنس عمران ڪي ڳالهيون نه ٿينديون.جڏهن ته ايوان ۾ مخالف اتحاد جي سربراه محمود خان اچڪزئي پنهنجي خطاب ۾ اسيمبلين ۽ موجوده حڪومت کي جعلي قرار ڏيندي عوامي طاقت سان حڪومت ڪيرائڻجي ڌمڪي ڏني پر ان جي باوجودحڪومت ڳالهين جي حوالي سان مخالف ڌر کي ڪا مثبت موٽ ناهي ڏني جنهن مان لڳي ٿو مخالف ڌر جي ورهائجي وڃڻ بعد حڪومت ڪافي حد تائين اطمينان واري پوزيشن ۾ آهي.ٻئي طرف 26 هين آئيني ترميم دوران حڪومت مولانا فضل الرحمان کي مدرسا رجسٽريشن ايڪٽ آڻڻ جو آسرو ڏئي نه فقط مخالف ڌر کي ورهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي پر اڳتي هلي صدر ايڪٽ کي قانون جي شڪل ڏيڻ لاءِ بل تي صحيح ڪرڻ ان انڪار ڪري ڇڏيو..مولانا حڪومت جي اهڙي عمل تي پهرين احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي پر حڪومت پاران مولانا فضل جي مقابلي ۾ مولوين جي ٻئي ٽيم سامهون آڻڻ بعد هاڻي مولانا حڪومت مخالف ڪا تحريڪ هلائڻ بجاءِ منٿن تي لهي آيو.قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران به مولانا حڪومت مخالف ڪا تحريڪ هلائڻ جوپ اعلان ڪرڻ بجاءِ صرف اهو موقف اختيار ڪيو ته ايڪٽ منظور ٿي چڪو فقط آفيشل گزيٽ نوٽيفڪشن جاري ڪيو وڃي..ڄاڻايل صورتحال مان لڳي ٿو ته وزير اعظم شهباز شريف جو قلعو مضبوط آھي ۽ مخالف ڌر ڪنهن احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي رھي جنھن سبب دفاعي پوزيشن ۾ اچي چڪي آھي.

پنھنجي راءِ لکو