وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ ﷲ چيو آهي ته جيستائين حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، هي سسٽم نه هلي سگهندو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي رانا ثناءُ ﷲ چيو ته اسان اها ڳالهه ان وقت به ڪئي هئي جڏهن چيو ويو ته “نہ ڇڏينداسين”، چيو ويو ته ”ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن جي دل چوي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿو“.
هن چيو ته پي ٽي آءِ، حڪومت کي پيغام ڏيڻ لاءِ ٻڌايو ته هيءَ ڪميٽي موجود آهي ۽ اسان سياسي ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان به ان لاءِ ڪوشش ڪنداسين ۽ مون کي اميد آهي ته ان جو ڪو نه ڪو نتيجو ضرور نڪرندو.
رانا ثناءُ ﷲ چيو ته پنج ڇهه هفتا اڳ وزيراعظم ايوان ۾ آيوھو ۽ ھُن مخالف ڌر سان هٿ ملائي چيو ھو ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ان کانپوءِ عمر ايوب جيڪو جواب ڏنو ان بابت شير افضل مروت کي معلوم هوندو..
وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته 25 نومبر جي رات به ڳالهين لاءِ جيل ۾ رسائي ڏني وئي پر ان وقت به ان کي قبول نه ڪيو ويو، جن جون به جانيون ويون، ٻنهي پاسن کان افسوس ٿيڻ گهرجي ها.