دلچسپ عدالتي فيصلو،3 ارب 20 ڪروڙ فراڊ ملزم جي 100 رپين ۾ ضمانت

اسلام آباد ـــ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ ڪيس ۾ شريڪ ملزم شاهه حسين خواجا جي 100 رپين جي مچلڪن جي عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي.ضمانت واري فيصلي ۾ هاءِ ڪورٽ شريڪ ملزم شاهه حسين خلاف ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي ڪِرِمنل ڪارروائي کي اختيارن کان مٿاهون قرار ڏنو.
عدالتي فيصلي جا اهم نُڪتاـ
1. اسلام آباد هائي ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار جو ڪيس بابت فيصلي ۾ عدالتي فيصلي جي ڪاپي چيئرمين ايف بي آر کي موڪلڻ جي ھدات ڪئي آهي.فيصلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي عمل اختيارن کان مٿاهون هو، جنهن درخواست ڏيندڙ جي وقار ۽ آئيني حقن کي متاثر ڪيو آهي،ٽيڪس عملدارن مقرر ڪيل قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،ريمانڊ ڏيندڙ مجسٽريٽ ۽ ضمانت رد ڪندڙ عدالت سيلز ٽيڪس ايڪٽ جي شقن جو خيال نه رکيو،ماتحت عدالت ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي غلط قدمن جي ساراهه ڪئي ۽ آئيني حقن جي تحفظ کي نظرانداز ڪيو.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عدالت اميد ظاهر ڪئي ته ٽرائل ڪورٽ ڪِرِمنل ڪارروائي جي قانوني حيثيت کي نظر ۾ رکندي،هي فيصلو نه رڳو قانون جي غلط استعمال کي ظاهر ڪري ٿو پر هيٺين عدالتن جي رويي تي سوال به اٿاري ٿو.

پنھنجي راءِ لکو