سنڌ حڪومت 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.

نوٽيفڪيشن موجب، 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل هوندي.

ان کان اڳ سنڌ حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسي جي موقعي تي وفاقي حڪومت کان هيلي ڪاپٽر طلب ڪيو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي وفاقي گهرو وزارت کي لکيل خط ۾ هيلي ڪاپٽر فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ورسي جي موقعي تي گڙهي خدا بخش ۾ فضائي نگراني لاءِ وفاقي گهرو وزارت کان هيلي ڪاپٽر گهريو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو