سون وچولي طبقي لاءِ ناياب ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ سون جا اگھ آسمان تي ڇڙھي ويا، في تولي جي قيمت ۾ 14 هزار 100 رپين جي وڏي واڌ کان پوءِ اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا۔
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق، ملڪ ۾ في تولو 14 هزار 100 رپيا مهانگو ٿيڻ کان پوءِ 4 لک 56 هزار 900 رپيا ٿي ويو آهي۔ ساڳي طرح، 10 گرام سون جو اگھ 12 هزار 89 رپيا وڌڻ کان پوءِ 3 لک 91 هزار 718 رپيا ٿي ويو۔
بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 141 ڊالر جي واڌ سان 4 هزار 358 ڊالر جي نئين بلند سطح تي پهچي وئي۔
