شام ۾ اسد خاندان جي پڄاڻي ڪيئن ٿي؟ ”ايثارٽائمز“ جي خصوصي رپورٽ

شام ۾ اڌ صدي تي ٻڌل اسد خاندان جي جو زوال ڪئين آيو؟ دمشق ڪيئن فتح ٿيو؟ ھر پڙھندڙ جي ذھن ۾ اھي سوال پيدا ٿين ٿا. ”ايثار ٽائمز“ پاران ان سلسلي ۾ عالمي ميڊيا کان حاصل ڪيل معلومات پڙھندڙ آڏو پيش ڪجي ٿي. 8 نومبر 2024ع تي صبح جو پاڪستان جو عوام ان وقت حيران ھو، جڏھن ھِن کي خبر پئي تہ شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت ختم ٿي وئي آھي، مخالف ڌر جي گروپن تي مشتمل فوج دمشق جو ڪنٽرول سنڀالي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. آچر جي صبح جو اپوزيشن فورسز حیات تحریر الشام جي اڳواڻي ۾ دمشق ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ شام کي بشار الاسد جي حڪومت کان آزاد قرار ڏنو. رپورٽن مطابق، اڳوڻو صدر بشار الاسد دمشق مان فرار ٿي ويو ھو، جنھن کانپوءِ افواه ڦهلجي ويا ته سندس جهاز ڪريش ٿي ويو آھي۽ هو پنھنجي خاندان سميت ان حادثي ۾ مارجي ويو آھي. بعد ۾ روسي ذريعن انھن افواھن جي ترديد ڪندي اعلان ڪيو تہ شام جي اڳوڻي صدر کي ماسڪو ۾ سياسي پناھ ڏني وئي آھي، ۽ ھو پنھنجي خاندان سميت ماسڪو ۾ محفوظ آھي.
اسد حڪمراني خلاف مھم ڪنھن شروع ڪئي؟

هيءَ مھم حیات تحریر الشام جي اڳواڻ ابو محمد الجولاني جي اڳواڻي ۾ مڪمل ٿي آھي، جنهن ۾ نیشنل فرنٹ فار لبریشن، احرار الشام، جیش العزہ ۽ نور الدين الزنڪي تحريڪ جا گروپ شامل هئا. ان سان گڏوگڏ، ترڪي جي حمايت يافته شامي نیشنل آرمی جا گروپ به شامل آھن..
عرب ميڊيا موجب، اپوزيشن فورسز شام جي اهم شهرن حماه، حمص ۽ درعا تي قبضو ڪري چڪي آهي. لتاڪيہ ۽ طرطوس، جيڪي اسد خاندان جا مضبوط گڙهه سمجهيا ويندا آهن،انھن جي باري ۾ في الحال ڪابہ چٽائي ناھي. شام جي معيشت جي بدتر صورتحال اسد حڪومت جي خاتمي جو مُک سبب بڻي آھي. شام جو سڀ کان وڏو اتحادي روس، جيڪو يوڪرين جنگ ۾ پاڻ کي ڦاسائي چڪو آھي، ان جنگ جي ڪري روس جي معيست بہ گھڻي متاثر ٿي آھي، جڏھن تہ ايران ۽ حزب اللہ جيڪي شام جا وڏا اتحادي آھن، اھي اسرائيل جنگ جي ڪري شام جي وڏي پئماني تي مدد نہ ڪري سگھيا. ميڊيا رپورٽس موجب جڏھن مخالف ڌر جون فوجون دمشق ويجھو پھتيون تہ شامي فوج انھن کي پيغام ڏڏنو تہ کين محفوظ رستو ڏنو وڃي. جنھن بعد مخالف ڌر جي فوج شامي فوج جو مطالو مڃيو، جنھن بعد شامي فوج ٽينڪ ۽ ٻيا ڳرا ھٿيار ڇڏي رواني ٿي وئي. مخالف ڌر جي فوج شام تي قبضي بعد سڀن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو آھي. دمشق فتح ٿيڻ بعد گادي واري شھر سميت سڄي ملڪ ۾ جشن جا سوين منظر ڏسڻ ۾ آيا آھن، جشن ملھائيندڙ عوا م بشارالاسد ۽ ان جي پيءَ حافظ الاسد جا لڳل مجسما ڪيرائي انھن کي رستو تي گھيليو ۽ نعري بازي ڪئي. مخالف ڌر جي فوج جي فتح بعد شام جي وزيراعظم محمد غازي الجلالي کي عارضي اختيار ڏنا ويا آھن. ھن اعلان ڪيو آهي ته هو عبوري حڪومت لاءِ اپوزيشن سان تعاون لاءِ تيار آهن. الجولاني چيو آهي ته عوامي ادارا عبوري مدت دوران وزيراعظم جي نگراني ۾ هلندا. شام ۾ اسد حڪومت جو خاتمو ھڪ اھڙو تاريخي موڙ آھي،جنھن ملڪ جي مستقبل بابت انيڪ سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن.

پنھنجي راءِ لکو