شام ۾ ڦاٿل 318 پاڪستاني بيروت مان اسلام آباد پھچي ويا.

وزيراعظم شھباز شريف جي ڪوششن بعد شام ۾ ڦاٿل 318 پاڪستانين کي خاص جھاز ذريعي پاڪستان آندو ويو آھي. اھي پاڪستاني لبنان جي گادي واري شھر بيروت پھچڻ بعد چارٽرڊ جھاز ذريعي اسلام آباد پھتا، اسلام آباد ھوائي اڏي تي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻين حڪومتي نمائندن شام مان آيل پاڪستانين جو استقبال ڪيو. گلدستا پيش ڪيا ۽ حال احوال معلوم ڪيو. شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي بعد پاڪستاني ڦاسي ويا ھئا. جنھن کانپوءِ وزيراعظم شھباز شريف لبناني وزيراعظم کي درخواست ڪئي ھئي تہ ھو شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي حفاظت سان لبنان مان پاڪستان پھچائڻ لاءِ رڪاوٽون ختم ڪرائي. اسلام آباد ھوائي اڏي تي پھتل پاڪستانين کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو تہ دنيا ۾ جتي بہ پاڪستاني ھوندو اھو اڪيلو ناھي.قوم جو ڏک ۽ سُک ھڪ جھڙو ھوندو آھي. ان موقعي تي شام مان واپس آيل پاڪستانين لبناني ۽ پاڪستاني وزيراعظم پاران پاڪستان پھچائڻ تي ٻنھي جا ٿورا مڃيا.

پنھنجي راءِ لکو