شيخ رشيد دھشتگردي،صدر زرداري خلاف ريمارڪس الزامن مان مان بري

اسلام آباد ـ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد کي صدر آصف علي زرداري خلاف الزامن،عوام کي رياست خلاف ڀڙڪائڻ جي الزامن مان بري ڪيو آھي جڏھن ته مٿس 14 دھشتگردي جا الزام ھيٺ ڪيس آھن.اھم ڪيسن مان بري ٿيڻ بعد شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته خدا جو شڪر ڪافي ڪيسن مان بري ٿي ويو آھيان ،جڏھن ته 14 دھشگردي جا ڪيس آھن.ھن دعوي ڪئي ته جيتوڻيڪ حڪومت اتحادي جماعتن پنھنجو مقصد حاصل ڪيو آھي پر پ پ توڙي ن ليگ عوام جي نشاني تي رھندا

پنھنجي راءِ لکو