اسلام آبادـ صدر پاڪستان آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا الڳ الڳ اجلاس 17 آڪٽوبر خميس ڏينھن طلب ڪري ورتا آھن.صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس شام 4 وڳي جڏھن ته سينيٽ جو اجلاس شام 3 وڳي طلب ڪيا آھن.ايوانن جي اجلاس ۾ 26 ھين آئيني ترميم پيش ٿيڻ جا امڪان آھن.سياسي جماعتن پارٽي جي پارليمينٽرين کي ھر صورت ۾ فوري طور اسلام آباد پھچڻ جي ھدايت ڪئي آھي.