طالبان عورت کي انسان ئي نٿا سمجھن، 100 کان وڌيڪ عورت دشمن قانون ٺاھيا آھن. ملالہ يوسف زئي

نوبیل انعام حاصل ڪندڙ ملاله يوسفزئي چيو آهي ته طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجھن، ھنن هڪ ڏهاڪي کان افغانستان ۾ عورتن کي تعليم کان محروم رکيو آهي.
”مسلم معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم، موقعن ۽ چيلنجز” جي موضوع تي اسلام آباد ۾ عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ملاله يوسفزئي چيو ته مون پنهنجي سفر جو آغاز پاڪستان مان ڪيو، ۽ منهنجي دل هميشه پاڪستان سان جڙيل رهندي آهي. دنيا ۾ 12 ڪروڙ ڇوڪريون اسڪول نٿيون وڃن، جڏهن ته پاڪستان ۾ سوا ڪروڙ ڇوڪريون اسڪول نٿيون وڃن.
هن چيو ته مسلم ورلڊ ليگ جا ٿورا، جنھن اسان کي هتي گڏ ڪيو. غزه ۾ اسرائيل مڪمل تعليمي نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسرائيل غزه ۾ اسڪول تباهه ڪري ڇڏيا آهن، غزه ۾ 90 سيڪڙو يونيورسٽيون به تباهه ٿي ويون آهن. هڪ فلسطيني ڇوڪري پنهنجو مستقبل تعمير نٿي ڪري سگهي جيڪڏهن هوءَ اسڪول نٿي وڃي.
ملاله يوسفزئي چيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد ان وقت تائين پورو نه ٿيندو جيستائين اسان افغان ڇوڪرين جي تعليم تي ڳالهه نه ڪريون. طالبان هڪ ڏهاڪي کان عورتن کان تعليم جو حق کسيو آهي. طالبان عورتن جي حقن کي ختم ڪرڻ لاءِ 100 کان وڌيڪ قانون سازيون ڪيون آهن. طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجھن.
هن چيو ته طالبان پنهنجن ڏوهن کي ثقافت ۽ مذهبي جواز طور پيش ڪن ٿا. اسان کي واضح ڪرڻ گهرجي ته ان ۾ ڪجهه به اسلامي ناهي. اهي پاليسيون اسلام جي بنيادي فلسفي جي عڪاسي نٿيون ڪن. طالبان جون پاليسيون انساني حقن جون ڀڃڪڙيون آهن، ڪنهن به ثقافت يا مذهبي جواز سان انهن جو عذر نٿو پيش ڪري سگهجي.
نوبيل انعام حاصل ڪندڙ ملاله يوسفزئي چيو ته دنيا جي رنگن ۾ پاڪستاني ڇوڪرين جو به حصو هجڻ ضروري آهي. هر ڇوڪريءَ جو حق آهي ته هوءَ 12 سال لاءِ اسڪول وڃي. عورتن جي تعليم منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي. سکڻ اسان جي اسلامي تعليمات ۾ شامل آهي. حضرت عائشه ۽ فاطمه جناح جهڙيون عورتون اسان لاءِ مشعل راه آهن. فاطمه جناح آزادي ۽ انصاف جي جدوجهد لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو.
ملاله يوسفزئي چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ عورتن جو ڪردار مردن جيترو اهم آهي. اها حقيقت آهي ته گهڻيون حڪومتون ڇوڪرين جي تعليم کي نظرانداز ڪن ٿيون. نظرانداز ڪرڻ جي باوجود، اڄ ڇوڪرين جي تعليم جو معاملو مختلف نظر اچي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان بحرانن کي نظرانداز ڪنداسين ته اسلام جي بنيادي تعليم حاصل نه ڪري سگهنداسين.

پنھنجي راءِ لکو