پاڪستان ۾ گھڻي عرصي کان عوام کي اھو ٻڌايو ويو آھي تہ اسٽاڪ ايڪسچينج جي لھڻ چڙھڻ جو تعلق معيشت سان آھي،جيڪڏھن معيشت ڪمزور ھوندي تہ اسٽاڪ ايڪسچينج ھيٺ لھي ويندو ۽ جيڪڏھن بھتر ھوندي تہ مٿي ويندو. سچ اھو آھي تہ ھي سرمائيدارن جو ھڪ ڪلب آھي، جنھن جو بٽڻ چند وڏن سيٺن جي ھٿ ۾ ھوندو آھي. ۽ ان جو ملڪي معيشت سان ڪوبہ تعلق ناھي. ھي اشرافيا جو مفروضي آھي، ان کانسواءِ ڪجھ بہ ناھي.
اڄ بہ ائين ٿيو آھي، رات صدر بجيٽ جي منظوري ڏني، اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار تيز ٿي ويو. تاثر اھو ڏنو ويو آھي تہ بجيٽ صفا ٽاپ ڪلاس جي آھي، ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪاروبار وڌي ويو آھي..
پاڪستاني ميڊيا جي ھينڊلرز، ڪمال منافقي سان بجيٽ جي ان پاسن تي رپورٽنگ نہ ڪئي، جن جو سڌو تعلق عام ماڻھو جي زندگي سان ھو. اوھان کي پاڪستاني ميڊيا، عام ملازم جي گھٽ ۾ گھٽ پگھار جو تعين نہ ڪرڻ تي رڙيو ڪندي نظر نہ آئي. گذريل سال گھٽ ۾ گھٽ پگھار 37 ھزار رپيا مقرر ڪئي وئي ھئي، يعني ڪابہ رجسٽرڊ ڪمپني، يا ڪارخانو ايتري اجرت ڏيڻ جو پابند ھوندو، پر ھن سال ان ۾ اضافو نہ ڪيو ويو. بجيٽ جي ٻئي ڏينھن پريس ڪانفرنس ۾ جڏھن ان باري ۾ سوال ٿيو تہ ناڻي واري وزير انتھائي بي پرواھي سان جواب ڏنو تہ صنعتڪار ، جيڪا گذريل سال گھٽ ۾ گھٽ پگھار مقرر ڪئي وئي، ان تي بہ عمل نٿا ڪن تہ وڌائي ڇا ڪيون؟ ھِن ھٿ مٿي کڻي اعلان ڪيو تہ اھي اسان جي وس ۾ ناھي. پر جنھن پارليمينٽ اھا بجيٽ منظور ڪئي ان ۾ بہ ڪو اھڙو حڪومتي ميمبر مڙس ماڻھو نظر نہ آيو جيڪو ان معاملي تي علامتي ئي سھي، پر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي، پنھنجي چپلن وارن ووٽن جو حق ادا ڪري ھا. ھا.. اھو ضرور ٿيو آھي تہ انھن ميمبرن، وزيرن ۽ ايوان سناليندڙن پنھنجا پگھار 500 سيڪڙو وڌائي ڇڏيا، ڪٿان ڪنھن پارٽي جي ليڊر رڙ نہ ڪئي تہ اھو ڇا ٿا ڪريو؟ ٿوري دير لاءِ جيڪڏھن اھا ڳالھ بہ مڃي وٺجي تہ مھانگائي گھڻي آھي، ۽ جيڪا پگھار ھِنن کي ملي ٿي ان مان ھِنن جو گذارو نٿو ٿئي، ڇا اھو پئمانو رڳو انھن لاءِ آھي، 37 ھزار واري ملازم لاءِ ڇو نہ؟ ٻي ڳالھ تہ ڇا انھن جو گذران ان پگھار تي آھي؟ جيترو پگھار ھِنن کي اڳ ۾ ملندو ھو ان کان وڌيڪ تہ رڳو اسلام آباد ۾ ھِنن جي ملازمن جو پگھار آھي. دنيا ۾ ورلي ڪو اھڙو چونڊيل ميمبر ھوندو، جنھن جو گذران رڳو ان پگھار تي ھجي، جيترا بجلي ۽ گئس جا اگھ ھنن وڌايا، جيڪو عوام کي ڏنڊو ڏنو، ٿوري دير انسان ٿي سوچين ھا تہ شايد ھو پنھنجي 500 سيڪڙو پگھار وڌائڻ وارو فيصلو نہ ڪن ھا. شايد انسانيت موڪلائي وئي آھي.
ھڪ طرفي ٽريفڪ سدائين نٿي ھلي سگھي. پاڪستان جي ھي اشرافيہ ڏينھون ڏينھن ٿلھي ٿيندي ٿي وڃي ۽ ٿونھا ٿي ھڻي، اھو ان وقت تائين ٿيندو رھندو جيستائين عوام خاموش رھندو، عوام جوتا ھڻڻ وارن جو انگ وڌائڻ جو مطالبو ڪرڻ بدران پنھنجي پيرن مان جوتا لاھي؟
رزاق کٽي.
