فواد چوڌري کي پي ٽي آءِ جي وڪالت بہ ڪم نہ آئي، عمران خان جي ھدايت تي لاتعلقي جو اعلان، ڀڳوڙن جي گنجائش ناھي، شعيب شاھين

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان جي هدايت تي فواد چوڌري سان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته اڊياله جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ٿي، جتي هن فواد چوڌري سان اعلانيه لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته فواد چوڌري، پنهنجي راءِ کي پي ٽي آءِ جي موقف طور پيش ڪرڻ جو مجاز نه آهي. پارٽي فواد چوڌري سان مڪمل طور لاتعلقي جو اعلان ڪري ٿي.
بيرسٽر گوهر واضح ڪيو ته فواد چوڌري جو پي ٽي آءِ سان ڪو به واسطو ناهي. هو ميڊيا، سوشل ميڊيا يا ٽي وي تي پي ٽي آءِ جي نمائندگي نه ٿو ڪري سگهي.
پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شعيب شاهين پڻ اڊياله جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باني پي ٽي آءِ واضح ڪيو آهي ته جيڪي ڀڳوڙا پارٽي ڇڏي ويا آهن، انهن جو پي ٽي آءِ سان ڪو به تعلق ناهي.
بعد ۾، پي ٽي آءِ جي آفیشل ايڪس اڪائونٽ تان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته “اڄ اڊياله جيل ۾ باني چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان سان اسان جي وڪيلن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، پارٽي معاملن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي خيال ونڊيو ويو.”
“ملاقات کانپوءِ باني چيئرمين عمران خان پارٽي سرگرمين ۽ ايندڙ حڪمت عملي بابت خاص هدايتون ڏنيون ۽ جماعت کان الڳ ٿيڻ وارن، خاص ڪري فواد چوڌري سان لاتعلقي جو اعلان ڪرڻ جي هدايت ڪئي.”
“عمران خان جي هدايتن مطابق، پي ٽي آءِ فواد چوڌري سان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪري ٿي ۽ واضح ڪري ٿي ته فواد چوڌري جو پي ٽي آءِ سان هرگز ڪو واسطو ناهي. هو پي ٽي آءِ جي موقف کي پيش ڪرڻ جو مجاز نه آهي.”
واضح رهي ته فواد چوڌري 9 مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ کان جدا ٿي ويو هو، پر ڪجهه وقت کانپوءِ هن پي ٽي آءِ ۾ واپس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. تازو ئي، هو ٽي وي اسڪرین ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پي ٽي آءِ سان لاڳاپو قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
پي ٽي آءِ جي لاتعلقي واري اعلان تي، فواد چوڌري ايڪس تي پنهنجو پيغام جاري ڪندي چيو: “هڪ اڳوڻو آءِ بي انفارمر، جيڪو تازو ئي پي ٽي آءِ ۾ ايجنٽ طور شامل ٿيو آهي، تنھن چيو آھي ته عمران خان جو چوڻ آهي ته منهنجو پي ٽي آءِ سان ڪو واسطو ناهي. مونکي عمران خان جو پيغام مليو آهي ته اهڙن ماڻهن جي ڳالهين کي اهميت نه ڏيو ۽ انهن کي جواب نه ڏيو.”
فواد چوڌري چيو ته “اسان جون همدرديون عمران خان سان آهن ۽ رهنديون. ملڪ کي ٽوڙڻ واري سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي، ٻي صورت ۾، اهي سازشي ماڻهو پنهنجي مفادن لاءِ عمران خان جي سياست کي نقصان پهچائيندا.”

پنھنجي راءِ لکو