راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي گرفتاري تي ڊنل ناهيان.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان سهولتڪاري جو نيٽ ورڪ پڪڙجڻ کي مذاق قرار ڏنو ۽ چيو ته منهنجي سيل وٽ جيمرز لڳل آهن، جيل ۾ موبائل فون ڪم ناهي ڪندي.
هن چيو منهنجو ڪو مواد ٻاهر موڪلڻو هجي يا ڪا شئي ڇپرائڻي هجي ته منهنجا وڪيل ۽ پارٽي ليڊر ورز ملاقات لاءِ ايندا آهن.
سندس چوڻ هو ته مان فيض حميد جي گرفتاري تي ڊنل ناهيان، جيڪڏهن ڊڄان ها ته جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو نه ڪيان ها.