صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف قائداعظم جي يومِ پيدائش تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آھي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آھي ته قائداعظم هڪ جمهوري ۽ خودمختيار پاڪستان جو خواب ڏٺو هو. اسان قائد جي بصيرت، لازوال همت، ۽ بي مثال عزم کي ياد ڪري رهيا آهيون. قائداعظم اهو ڪري ڏيکاريو، جيڪو ڪيترائي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا.
صدر چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي، پر خوشحال ۽ انصاف تي ٻڌل قوم بڻجڻ جو سفر اڃا جاري آهي. قانون جي حڪمراني جي قدرن کي برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف قائداعظم محمد علي جناحؒ کي ڀيٽا پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيوآھي ته قائد جي اڻٿڪ محنت جي ڪري اسان جو وطن پاڪستان وجود ۾ آيو.
محمد شهباز شريف چيو ته قائد اعظم جي جدوجهد جو سفر يقين جي طاقت ذريعي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ جو مثال آهي.
وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن قائداعظم جي قدرن سان پنهنجي وابستگي جو ورجاء ڪرڻ جو ڏينهن آهي. قوم جي ترقي، خوشحالي، ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي.