دوحا: قطري پرڏيھي وزارت اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان تڪڙي جنگبندي تي راضي ٿي ويا آهن۔
قطري پرڏيھي وزارت جي جاري بيان موجب، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي جو فيصلو دوحا ۾ ٿيل ڳالهين دوران ڪيو ويو۔
قطري پرڏيھي وزارت چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي تي اتفاق، قطر ۽ ترڪي جي ٽياڪڙي ۾ ٿيو۔ ٻنهي ملڪن اهو به طئہ ڪيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ملاقاتون ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مستقل ميڪينزم ٺاهيندا۔
قطري پرڏيھي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگبندي خطي ۾ قائم پائيدار امن لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندي۔ اميد آهي ته جنگبندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي تڪرار جو خاتمو آڻيندي۔
ياد رهي ته گذريل ڏينهن قطري انٽيليجنس چيف عبدالله بن محمد الخليفه جي ميزباني هيٺ ڳالهين جو پهريون دور دوحا ۾ مڪمل ٿيو هو، جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي دفاعي وزير خواجه آصف ڪئي، جڏهن ته سيڪيورٽي عملدارن به وزير دفاع جي مدد ڪئي۔
ٻئي پاسي افغان وفد جي اڳواڻي دفاعي وزير ملا محمد يعقوب ڪئي۔
ياد رهي ته جمعي ڏينهن پاڪستان ۽ افغان طالبان رجيم وچ ۾ فائر بندي ۾ وڌيڪ واڌ تي اتفاق ڪيو ويو هو۔
