پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انٽرنيٽ هاڻي بنيادي انساني حقن ۾ شامل آهي، اسان ڊجيٽل بل آف رائٽس آڻينداسين ۽ نوجوانن کي گهرجي ته هو ان حوالي سان قانونسازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪانووڪيشن ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ هتي ڊگري ورهائڻ جي تقريب آهي، مان ڪامياب شاگردن کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو ۽ ان ڏينهن کي ياد ڪريان ٿو جڏهن مون پنهنجي شاگردي واري دور ۾ ڊگري حاصل ڪئي ھئي. ڪامياب شاگرد هاڻي زندگي جي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن، تعليم يافته نوجوان ئي ملڪ جي بهتر خدمت ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ جي دعويٰ کان وڏو ڪو مذاق نه آهي. جيڪي چون ٿا ته لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي آهي، اهي ڄامشورو اچي ڏسن. ترقياتي بجيٽ ٺاهيندڙ ماڻهو سٺ سالن جي عمر جا آهن، جيڪي نوجوانن ۽ انهن جي مستقبل بابت سوچڻ ئي نٿا چاهين.
هن نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو ڊجيٽل بل آف رائٽس آڻڻ لاءِ اڳتي اچن. اسان کي ڊجيٽل حقن لاءِ قانونسازي جي جدوجهد ڪرڻي پوندي. وي پي اين بند ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ سست ڪرڻ وارن کي ان جو ڪو فرق نه ٿو پوي، پر فرق توهان کي ۽ مون کي پوي ٿو. انٽرنيٽ هاڻي هڪ بنيادي انساني حق آهي، ۽ اسان ڊجيٽل بل آف رائٽس آڻينداسين.