اسلام آباد ـ حڪومت مخالف اتحاد جي سربراه ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ميپ) جي سربراهه محمود خان اچکزئي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي حڪومت مخالف سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آھي ته موجوده حالت ۾ حڪومت سان ڳالهيون ضروري آھن.
هن وڌيڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي اپيل آهي ته حڪومت سان ڳالهين کي اڳتي وڌائي. هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ کي صلاح ڏني آهي ته ڳالهين ۾ اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته حڪومت ڪڏهن هٽندي. جيڪڏهن ڳالهين ذريعي مسئلا حل ٿي وڃن ته ان کان بهتر ڪا ڳالهه نه آهي، پر جيڪڏهن ڳالهين سان مسئلا حل نه ٿيا ته تحريڪ هلائڻي پوندي.هن چيو ته ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ 4 مهينن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيان ٿو.واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان 14 ڊسمبر کان ملڪ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.