مدرسن واري بل جي معاملي تي حڪومت پاران جي يو آءِ سان رابطو

وفاقي حڪومت ديني مدرسن جي رجسٽريشن متعلق نئين قانون سازي جو مسودو جي يو آءِ کي موڪلي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ذريعن ” ايثار ٽائمز“ کي ٻڌايو آھي تہ حڪومت مدرسن واري معاھدي 2019ع سميت مختلف آپشن بہ درج ڪيا ويا آھن. ذريعن جو چوڻ آھي تہ جي يو آءِ ۽ حڪومت جي قانوني ۽ ٽيڪينڪل ٽيم جي وچ ۾ مشاورت جو عمل شروع ٿي ويو آھي. حڪومت مدرسن جي رجسٽريشن تعليم واري وزارت ماتحت ڪرائڻ جي خواھشمند آھي. حڪومت جي راءِ آھي تہ نئين قانون سازي تحت ڊي سي ۽ گھرو معاملن واري وزارت وٽ مدرسن جي رجسٽريشن ڪرائي سگھجي ٿي. ذريعن جو چوڻ آھي تہ نئين قانوني مسودي جي حوالي سان جي يو آءِ جو سينيٽر ڪامران مرتضي مولانا فضل الرحمان کي آگاھي ڏيندو. جنھن کانپوءِ جي يو آءِ جو سربراھ مولانا فضل الرحمان مجلس شورا ۽ ديني مدرسن کي اعتماد ۾ وٺي جواب ڏيندو.

پنھنجي راءِ لکو