مدرسہ بل: حڪومت جا ٻڌايل قانوني جواز ختم، نوٽيفڪيشن ڪجھ ڏينھن۾ جاري ٿيڻ جا امڪان، مولانا جي حڪمت عملي ڪامياب

مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي تي حڪومت ۽ جي يو آءِ وچ ۾ اهم پيش رفت ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، حڪومت اتحاد تنظيم المدارس دينيه جا سڀ مطالبا تسليم ڪري ورتا، ۽ مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860 تحت يقين ڏياريو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هي اهم بريڪ ٿرو مولانا فضل الرحمان جي وفد سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران ٿيو. 26هين آئيني ترميم جي روشني ۾ تيار ڪيل مسودي تي نوٽيفڪيشن ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي هئي.

پنھنجي راءِ لکو