اسلام آباد ـ موسم ۾ غير معمولي تبديلي دنيا اندر عجيب صورتحال پيدا ڪري ڇڏي،پاڪستان به متاثر. پاڪستان اندر نومبر جي پھرين ڏھاڪي بعد ملڪ جي اترين علائقن ۾ ھلي ڦلڪي برفباري ٿي آھي ،جنھن سبب گلگت،استور،اسڪردو،سوات وارا علائقا سردي جي لپيٽ ۾ اچي ويا.گذريل ٻن ڏينھن کان اسلام آباد ۽ آسپاس وارن شھرن ۾ ڪڪرن ديرو ڄمايو آھي جنھن سبب گادي واري شھر توڙي آسپاس ۾ پڻ سردي باضابطا شروع ٿي وئي جنھن سبب ماڻھن گرم پائڻ شروع ڪيو آھي..
