لاھورـ جميعت علماءَ اسلام جو امير مولانا فضل الرحمان اھم ٽاسڪ تي لاھور پھچي ويو آھي.مولانا لاھور ۾ اڳوڻي وزير اعظم ۽ مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف سان ملاقات ڪري 26 ھين آئيني ترميم جي ڊرافٽ تي مشاورت ڪندو.مولانا ان کان اڳ ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي جنھن ۾ ٻنھي اڳواڻن آئيني ڊرافٽ تي اتفاق راءِ جو اعلان ڪيو ھو.