ٻن ڏينھن واري تعليم ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ملالا يوسف زئي اسلام آباد پھچي وئي

نوبيل انعام حاصل ڪندڙ ملاله يوسفزئي پاڪستان پهچي وئی.
پارلياماني سيڪريٽري تعليم ملاله يوسفزئي جو استقبال ڪيو.
ملاله يوسفزئي پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪنديون.
ڪانفرنس ۾ ملاله يوسفزئي عورتن جي تعليم سان لاڳاپيل چئلينجن جي حل بابت ڳالهايندي
اسلام آباد ھوائي اڏي تي غير ملڪي خبر ايجنسي سان ڳالھائيندي ملالا چيو تہ ھو پاڪستان پھچڻ تي تمام گھڻي خوش آھي. ھي واقعي مون لاءِ وڏو اعزاز آھي، ملالا يوسف زئي اي ايف پي کي ٻڌايو. .
ڪرغستان جي تعليم واري وزير به پهتي
ٻئي پاسي ڪرغستان جي تعليم واري وزير به ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهتي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي وزير تعليم ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي اسلام آباد ۾ تعليمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ بابت ٻڌائيندي چيو هو ته چئن ئي وڏن وزيرن ۽ صوبي تعليم جي وزيرن به تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا.
هن چيو ته هاڻي عورتن جي تعليم جو مقصد هڪ بهتر گهر، هڪ بهتر نسل ۽ هڪ بهتر مستقبل آهي.
ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي اهو به ٻڌايو ته هيءَ ڪانفرنس “انٽرنيشنل ڪانفرنس براءِ مسلم عورتون: چئلينج ۽ موقعا” جي نالي سان منعقد ڪئي ويندي.

پنھنجي راءِ لکو