يورپي يونين ان حوالي سان چيو آهي ته اهي فيصلا پاڪستان جي انٽرنيشنل ڪووننٽ آن سول اينڊ پولٽيڪل رائٽس (ICCPR) تحت ڪيل واعدن سان ميلاپ نٿا رکن.جنهن جي آرٽيڪل 14 مطابق، هر فرد کي هڪ آزاد، غيرجانبدار ۽ بااختيار عدالت ۾ منصفاڻو ۽ عوامي ڪيس هلائڻ جو حق حاصل آهي، ۽ جنهن ۾ کيس مناسب ۽ موثر قانوني نمائندگي جو حق به آهي،” يورپي يونين جي يورپين ايڪسٽرنل ايڪش سروس جي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آرٽيڪل 14 ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به “فوجداري ڪيس ۾ ڏنل فيصلو عوام آڏو ظاهر ڪيو ويندو”.يورپي جي جنرلائيزڊ اسڪيم آف پريفرنس پلس (GSP+) تحت، پاڪستان سميت فائدو حاصل ڪندڙ ملڪن رضاڪارانه طور 27 بين الاقوامي بنيادي معاهدن تي اثرائتي عملدرآمد تي متفق ٿيا آهن – جنهن ۾ ICCPR به شامل آهي – ته جيئن GSP+ اسٽيٽس مان فائدو وٺڻ جاري رکي سگهجي. واضح رهي ته ڇنڇر ڏينهن “فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل (FGCM) پهرين مرحلي ۾ 25 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون آهن،” انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (ISPR) چيو، جن جو تعلق مئي 9 جي احتجاج دوران تشدد ۾ ملوث ماڻهن سان آهي.