وزيراعظم جو هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ سخت ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم ملڪ جي هوائن اڏن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جو نظام اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
منڪي پاڪس بابت اهم اجلاس اڄ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ منڪي پاڪس جي تازي صورتحال، مرض کي منهن ڏيڻ جي اڳواٽ تيارين جو جائزو ورتو.
اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته صحت جي عالمي اداري طرفان منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ به ان بيماري جي حوالي سان سخت نگراني جي ضرورت آهي.
هن ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي، گڏوگڏ وزيراعظم بارڊر هيلٿ سروسز جي صورتحال جي ڀرپور نگراني ۽ سخت سرويلنس جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي منڪي پاڪس جي صورتحال تي گهري نظر رکڻ، ان حوالي سان روز جائزو وٺڻ، سموري سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو