وزيراعظم شھباز شريف جي صدر آصف زرداري سان ملاقات.

وزيراعظم شھباز شريف جي ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ٿي آھي. ذريعن جو چوڻ آھي تہ ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ذريعن جو چوڻ آھي تہ پي ٽي آءِ سان شروع ٿيل ڳالھ ٻولھ، مولانا فضل الرحمان سان مدرسن جي بل جي معاملي ۾ ٿيل ملاقات ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي خاطري سان گڏوگڏ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي وچ ۾ پاور شيئرنگ جي معاملي تي بہ ڳالھ ٻولھ ٿي آھي. ذريعن جو چوڻ آھي تہ ملڪ جي معيشت جي حوالي سان بہ وزيراعظم صدر کي بريفنگ ڏني آھي.

پنھنجي راءِ لکو