اسلام آباد ـ ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) جمعي واري ڏينھن تڪراري چولستان ڪئنال سسٽم فيز ون جي تعمير سميت پاڻي سان لاڳاپيل ٻن منصوبن کي ڪليئر ڪري حتمي منظوري لاءِ ايڪنڪ کي موڪلي ڇڏيا آھن.اجلاس ۾ تڪراري چولستان ڪئنال اينڊ سسٽم فيز جي لاڳت جو ڪاٿو 211 ارب 33 ڪروڙ 99 لک 71 ھزار رپيا لڳايو ويو جنھن لاءِ فنڊنگ پنجاب حڪومت سالياني ترقياتي پلان مان ڪندي.گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي تحت تعمير ٿيندڙ چولستان ڪئنال منصوبي جي فيز ون مان 10 لک ايڪڙ زمين پنجاب جي چولستان واري علائقي ۾ آباد ڪئي ويندي جنھن لاءِ پاڻي انڊس زون مان فراھم ڪيو ويندو.